ٺارو شاهه

ٺارو شاهه: ضلعي نوشهري فيروز جو هڪ قديم شهر آهي. هيءُ شهر سنڌو درياهه مان نڪرندڙ قديم ’نو لکي واهه‘ جي ڪنڌيءَ تي آباد آهي. قديم دؤر ۾ نو لکو واهه مکيه واپاري پتڻ هو. انهيءَ پراڻي نو لکي واهه جا ڦٽل آثار هن وقت به هاءِ اسڪول ٺارو شاهه جي اتر اڀرندي ڪنڊ تي ظاهر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هيءُ شهر ساهتي پرڳڻي ۾ تعليم جي لحاظ کان وڏي اهميت جو حامل رهيو آهي. هن شهر جي ڀرپاسي ۾ ڪنڊيارو، درٻيلو، ابجي، مٺياڻي، ڀريا ۽ نوشهرو فيروز نالي شهر آباد آهن.
ٺاروشاهه شهر 1792ع ۾ ٻڌايو ويو. هن ايراضيءَ ۾ پهريائين ٺارو شاهه نالي هڪ سيد اچي پنهنجو گهر اڏايو. پوءِ هيءُ ڳوٺ ٿيو، جيڪو پوءِ وڌي شهر ٿيو. تنهنڪري ان جي ئي نالي پٺيان هي شهر ”ٺارو شاهه“ سڏجي ٿو. انگريزن جي دؤر ۾ ٺاروشاهه شهر، حيدرآباد ضلعي سان ڳنڍيل هو. اُن ئي دور ۾ هن شهر ترقي ڪئي. 1881ع ۾ هتي ميونسپالٽي قائم ڪئي وئي. اُن وقت هتي ڪوري، ميمڻ ۽ لوهاڻا آباد هئا. هن شهر جا ٽي حصا آهن: پهريون حصو ريلوي اسٽيشن جي ويجهو آهي، جتي ٻائي وارو مندر پڻ آهي. هيءُ حصو ”هري پور“ جي نالي سان به سڏبو آهي. شهر جو ٻيو حصو اهو آهي، جتي نارنگين، سنگتڙن ۽ انبن جي بازار هئي. اهو حصو شهر جو اصل پراڻو علائقو آهي. گهٽيون سوڙهيون ۽ رستا تنگ آهن، البت پاڻيءَ جي نيڪال جو بهترين بندوبست ٿيل آهي. شهر جو ٽيون حصو اهو آهي، جتان مُڃٺ ۽ ڀورٽيءَ ڏانهن رستا وڃن ٿا. هيءُ حصو ”نئين تڪ“ جي نالي سان سڏبو آهي. هتي هڪ هاءِ اسڪول ۽ هڪ مڊل اسڪول پڻ آهي. هيءُ شهر صنعت ۽ حرفت جي لحاظ کان پنهنجي دؤر ۾ مشهور شهر هو. هتي بافتي جو اعليٰ ۽ عمدو ڪپڙو ٺهندو هو. ان کانسواءِ سُٽ ڪتڻ ۽ ڏاس مان نوڙيون پڻ ٺهنديون هيون. هن وقت به هيءُ شهر پنهنجي قديم روايتن سبب مشهور آهي. هن شهر ڪيترن ئي عالمن، اديبن، شاعرن، دانشورن، تعليمي ماهرن ۽ سماجي خدمتن ۾ اڻ وسرندڙ شخصتن کي جنم ڏنو آهي. برصغير جي نامور راڳيءَ ماسٽر چندر به هن شهر ۾ جنم ورتو. جتي اڃا تائين سندس گهر سلامت آهي ۽ ورهاڱي کان پوءِ لڏي آيل خانزادن جو ڪٽنب ان ۾ مقيم آهي. هن شخص ماسٽر چندر جي گهر کي هڪ يادگار طور صحيح سلامت رکيو آهي. هڪ ڀيرو ماسٽر چندر پاڻ به ڀارت مان هتي آيو هو ۽ هن گهر ۾ رهندڙ ڪٽنب سندس ڀرپور آجيان ڪئي هئي ۽ کيس وڏو مان ڏنو هو جنهن لاءِ هنن کي وڏو جس آهي. وقت به وقت ماسٽر چندر جا عقيدتمند جڏهن هي گهر ڏسڻ ايندا آهن، ته هي شخص سندس چڱي خاطر تواضح ڪندو آهي. ڪجهه سال اڳ سنڌي ادبي سنگت نوشهري فيروز شاخ ماسٽر چندر جي گهر ۾ ”ماسٽر چندر جي ورسي“ ملهائي هئي ۽ سموري گهر کي ڏيئا ٻاري سينگاريو ويو هو. ان کان پوءِ هر سال ماسٽر چندر جي ورسي ملهائي ويندي آهي.


لفظ ٺارو شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو